سنڌ جو چراگاهي دور

سنڌ جو چراگاهي دور (The Shepherd Period of Sindh):
سنڌ جو چراگاهي دور، ڳئن (Cows)، ڍڳن (Oxes)، اُٺن (Camels)، گهوڙن (Horses)، گڏهن (Donkeys)، مينهن (Buffalows) ۽ رڍن (Sheeps) ڌارڻ واري دور، اٽڪل روءِ ڏهه هزار ق. م کان شروع ٿيو.
سنڌ ۾ پراڻي پٿر جي ڄمار (Old Stone Age) وارو دَور 240000 ق. م کان 80000 ق. م تائين رهيو، وچئين پٿر جي ڄمار (Middle Stone Age) 80000 وارو دور ق. م کان 40000 ق. م کان 10000 ق. م تائين رهيو. شڪار لاءِ هٿيار جو استعمال 20 لک ورهيه ق. م کان 10 لک ق. م تائين رهيو. اهڙا اهڃاڻ سنڌوءَ جي ڀارتو ندي، ’اسوان‘ واري ماٿريءَ مان مليل قديم پٿرن جي هٿيارن مان مليو آهي.
سنڌ جي آڳاٽي شڪاري سماج مان ئي مالوند سماج جڙيو، بلڪ ڪو وقت شڪاري، ڌڻ وند ۽ ڏوٿي سماج گڏوگڏ هلندا آيا.
ايم. ايڇ. پنهور پنهنجي هڪ مقالي ۾ لکي ٿو ته ’پٿر جو وچيون دَور‘ (Mesolithic Age) سنڌ اندر 5500 ق. م ڌاري شروع ٿئي ٿو. انهيءَ دور ۾ ڏوٿي لوڪن (Gatheves People) ۽ شڪاري لوڪن (Hunter People) جهنگلي جانورن کي گهرو (Domestic) بنائڻ شروع ڪيو.“
هو پنهنجي مقالي ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته، ”اهي شڪاري ۽ ڏوٿي لوڪ پنج لک ورهيه ق. م ۾ سنڌو ماٿريءَ ۾ گڏوگڏ رهندا هئا. اهو سلسلو اوائلي پٿر جي دَور (Early Stone Age) کان وٺي پٿر جي وچئين دور (Middle Stone Age) تائين روهڙيءَ جي چقمقي پٿر (Flint) واري دور کان وٺي هڪ لک ورهيه اڳ تائين هڪ وڏي پٿر جي صنعت واري ڪاريگريءَ ۾ مصروف رهيا.“ ان ڏس ۾ سڀ کان اڳ ۾ ايشيا جي شڪاري لوڪن جهنگلي ڪُتي کي گهرو جانور (Domestic) بنايو. ان ڪري اهو سڀ کان اوائلي جانور آهي، جيڪو انسانن سان گڏ دوست جي حيثيت ۾ رهندو آيو آهي. ٻيا جانور وڏي انگ ۾ ڌارڻ جو رواج نئين پٿر جي دور (Neolithic Age) کان ٿورو اڳ شروع ٿيو.
شڪاري سماج ۾ جڏهن جيئڻ جا نيم (اصول ۽ ضابطا) ٺهڻ شروع ٿيا. تڏهن پهريون سماجي انصاف وارو اصول شڪار جي ورهاست تي جڙيو ۽ انهيءَ دور جو چڱو ۽ پريو مڙس جيڪو شڪار جا ڀاڱا ۽ پتيون ڪري سڀني ۾ ورهائيندو هو،اها هستي ڀڳوان (ڀاڳ= حصا + وان = وارو) نظر اچي ٿي. اهو پهريون پريو مڙس سنڌو ماٿر جو ئي هو. ان کانپوءِ ٻي هستي شِوَ (Shiva) آهي، جيڪو پشوپتي (پسون پتي) به آهي.
سنڌ جي پسون پتي (King of Beast) واري سنڌو مهر پنج هزار ورهيه آڳاٽي آهي، جنهن مان آڳاٽي انسانن جي جانورن سان پريت ۽ ويجهڙائپ ظاهر ٿئي ٿي، جڏهن ته قديم آثارن ۽ ڏندڪٿائن تي آڌاريل هڪ اڀياس موجب اِها ’پسون پتيءَ‘ واري روايت اٺاويهه هزار ورهيه آڳاٽي ايشيا ۽ يورپ جي قديم تعلق جي اڀياس ۾ ثابت ٿيل آهي. ’پسون پتي‘ ۽ يورپ جي ڪئلٽڪ لوڪن جي ’سرسو نوس‘ جي چتر ۾ هڪجهڙائي اهڙي آڳاٽي ۽ بنيادي لاڳاپي جي نشاندهي ڪن ٿيون.
انهيءَ دور ۾ انسان جو فائدو ڏيندڙ جانورن سان ويجهڙائپ ۽ پيار وارو رشتو جڙيو ۽ شڪاري لوڪن مان ئي الڳ الڳ نموني جي جانورن جي پالنا جو ڪم شروع ٿيو. سنڌ جا آڳاٽا مالوند لوڪ نه رڳو سنڌ پر سڄو ايشيا لتاڙي يورپ ۽ ترڪيءَ تائين وڃي پهتا.
جيمس ٽاڊ پنهنجي ڪتاب ’The Annals and Antiquities of Rajasthan‘ ۾ لکي ٿو ته، ”’گولا‘ لفظ سنسڪرت گلا (کير) جو مخفف آهي. گولا راجپوت آهن ۽ چوپائي مال تي گذران ڪندا هئا، يورپ جا گال ۽ ڪيلٽ به سندن شاخون آهن.“ اڄ به هنديءَ ۽ اردوءَ ۾ ’گوالا‘ جي معنيٰ کِير وارو آهي.
اهي ئي آڳاٽا مالوند مارو ماڻهو هئا، جيڪي جڏهن ٿانيڪا ٿي وسنديون جوڙي ويٺا ته راجپوت ۽ گجر سڏجڻ ۾ آيا. اهي ڌڻ وند لوڪ ۽ سنڌ جا مالوند ماڻهو پوءِ اڳتي اوٺار (جت)، ڳنوار، پهنوار، ريڍار ۽ ميهار سڏجڻ ۾ آيا. هنن ۾ جت سڀ کان زوراور هئا، وٽن اُٺن جا وڏا وڳ هئا. مولائي شيدائي لکي ٿو ته، ”هر هڪ جت وٽ ڏهه هزار اُٺن تي ٻڌل وڳ هوندو هو.“ سما دور جا ست ئي سخي ڏاتار سمورا مالوند هئا. سنڌي لوڪ ۽ ڪلاسيڪل ادب ۾ هنن جي سخا ۾ ڏنل دان جو نظارو هن ريت آهي ته، ”اوٺي جي دان/ ڏان (خير) ۾ ڏنل مال جي کرن مان اڏامندڙ دز وڃي آسمان سان لڳي.“
اوٺي جي ڏانن، کيهون ابر لڳيون‘
سڄي سنڌو ماٿري پهرين چراگاهي دور ۾ ڄڻ ڀاڳين جو ملڪ هو. انهن ڀاڳين ئي مال جي گاهه پٺي (گئوچر) لاءِ اول اول پوکي راهيءَ جي ڪرت شروع ڪئي. ان ريت چراگاهي سماج جي ڪک مان زرعي سماج جي اوسر ممڪن ٿي. ڇو ته مينهوڳيءَ جي مند سدائين هڪ ڪري نه هوندي هئي، پر مال جي چاري ۽ گاهه جي گهرج سدائين رهندي هئي. جنهن ماڻهن کي پوکي راهيءَ لاءِ اُڀاريو. ان کان سواءِ ڏٿ به هر وقت موجود ڪونه هوندو هو.
هڪ محقق صلاح الدين قريشي، سنڌ ۾ عرب دور (1010-712ع) جي حوالي سان پنهنجي ڪتاب ’پٽاليني، راوڙ ۽ پالي‘ ۾ لکي ٿو ته ”پٽالينيءَ جي ماڳ ۾ درياهه ڊيلٽا ٺاهي، سموري ملڪ کي ’راهم ڪي بازار‘ کان گِزريءَ (ڪراچيءَ) تائين ڪيترائي دوآٻا ٺاهي ڇڏيا هئا. درياهه جون ڇاڙهون ٻنهي پاسن کان حدون مقرر ڪنديون هيون ۽ اڳيان ڇيڙي تي تمر (Mangroves) جا جهنگ هوندا آهن. جتي هزارين اُٺ ۽ مينهون انهن دوآٻن ۽ ٻيٽن تي آزاد چرنديون هيون. هتي هڪڙي ڍنڍ کي عربن ’ماءُ الجوئش‘ (مينهن واري ڍنڍ) جو نالو ڏنو هو.“ ان ريت سڄيءَ سنڌونديءَ وارين انيڪ ماٿرين ۾ تبت واري مٿاهن چراگاهي ماڳن کان وٺي سنڌوءَ جي ڪيٽيائي ماڳ تائين قديم ايامن کان هر دور ۾ هزارين لکين چراگاهون رهيون آهن. هن دور ۾ اهي چراگاهون گهٽجي زرعي زمين جو روپ وٺي رهيون آهن.
سن 36-1535ع تائين سنڌ ۾ چوماسي جا وڏا منڊل ٿيندا هئا، سانوڻ رت ججهي اوت ڏيندي هئي، سنڌ جي ڪوهستان ۽ برپٽ وارا وارياسا پٽ گاهه ۽ گئوچر وارين ساين ۽ سرهين سيمن ۾ بدلجي ويندا هئا. سانوڻيءَ ۾ سنڌ جو ڪچو ٻڏندو هو، جيڏانهن ڪيڏانهن هڙهيون، جهنگ ۽ ٻيلا اُسري ۽ نسري ايندا هئا. ڍنڍون ۽ ڍورا تار ٿي وهندا هئا. ڀٽون، ڏهر ۽ ترايون چهچ سايون ۽ پاڻيءَ سان تار ٿي وينديون هيون. اهو سلسلو سنڌوءَ جي منڍ وارين ماٿرين، ٿٻيٽ، ليهه، لداخ، چترال، گلگت جي روهن ۽ ڪوهن واري جُوءَ کان وٺي ميداني علائقي جي ڀارتو ندين جي جالاري جوءِ- دوآبن ۽ هاڪڙي، ستلج، بياس، راوي، چناب، جهلم ۽ سنڌوءَ واري دوآٻ ۾ گاهه ۽ گلزاريون پيدا ڪري ڇڏيندي هئي. اهو سلسلو لاڳيتو سنڌوءَ جي هاڻوڪي ڊيلٽائي ماڳ جاتيءَ تائين ۽ ٻئي پاسي قديم سنڌوءَ جي نار (Ancient Gulf of Indus) واري ماڳ ڪڇ ۽ گجرات، ٻئي پاسي جيسلمير، بيڪانير ۽ سڄي راجسٿان تائين هليو ويندو هو. اهڙن وشال ۽ وسيع چراگاهن ڪيترن ئي قسمن جي جانورن جي پالنا لاءِ مناسب ماحول فراهم ڪيو ۽ قديم سنڌ ۾ حيرت ۾ وجهندڙ مال جي پالنا ٿي. پنجاب جا ڪيترا علائقا مينهُن جي نالن سان سڃاتا ويا، جهڙوڪ: لاهور ڊويزن وارو علائقو ’ماجو‘ (ماجهي) مينهن ۽ بياس ۽ راوي وارا علائقا ’نيلي بار‘ [نيلي = مينهن] هاڪارا ٿيا. ان ريت سنڌوءَ جو ڪيٽيائي ماڳ ’جاتي‘ ۽ قديم سنڌو سلطنت جي ڏکڻ گجرات وارن علائقن جا نالا جت (اوٺار)، گجر (ڳنوار) لوڪن ۽ مال رکيا ويا. سنڌ ۾ وري مينهن جا نالا، نسل ۽ رنگن جي حساب سان رکيل آهن يا وري مينهن جي سڱن جي حساب سان رکيل آهن، جهڙوڪ: گُجر، ڪاري، ڀوري، جال، پور، بگي بور، بنبل ۽ پنج ڪلياڻ. هي نالا مينهن جي ڀوري ۽ ڪاري رنگ کان وٺي مٿي جي اڇي ٽِڪي ۽ پڇ ۽ پيرن جي اڇي رنگ جي حساب موجب رکيل آهن.
ايڏي وڏي مالوند معاشي هلچل ۽ انهن مالوند لوڪن جي ڏيتي ليتي واري ڪارج سنڌي ٻوليءَ جي اوسر کي ممڪن بڻايو. ان ڏس ۾ پروفيسر محرم خان وگهامل پنهنجي املهه مقالي ’قديم سنڌي شعر ۽ شاعري‘ ۾ لکي ٿو ته، ”عربن جي سنڌ ۾ اچڻ (712ع) کان گهڻو اڳ (قديم) سنڌ ۾ جيڪو چراگاهي دور شروع ٿيو هو. سو اڃا به هلندو پئي آيو، چوپايو مال ڌارڻ ۽ چارڻ ماڻهن جو مکيه ڌنڌو هو ۽ ان ۾ به ڳائو مال، مکيه ملڪيت سمجهيو ويندو هو. سنڌ جا مالوند ماڻهو ۽ ڀاڳيا، توڙي ڌراڙ پنهوار، جي اڪثريت ۾ هئا، سي سڀ اڀير [ڳنوار] ڪوٺبا هئا، پنهوار (پرمار)، مارو (موريا)، سانکي (سانڪولا)، اهير (اڀير) ۽ گجر (ناگر) سڀئي مالوند قبيلا هئا. انهن سڀني جي ٻولي اپڀرنش هئي، مارڪنڊي پراڻ موجب اپڀرنش وري ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، جنهن مان وراچڊ- اپڀرنش خاص سنڌ جي ٻولي ئي آهي. يعقوبي وراچڊ کي ’ورج‘ لفظ مان نڪتل ڏسيو آهي. ورج جي معنيٰ ڳنوارن جي جوءِ. سنڌيءَ ۾ واڙي، وٿاڻ، واڙ، واڙو، ويڙهو ڳوٺ يا ونئن/ وسي نالا ان لاءِ ڪم ايندا آهن. ان ريت برج، ورج، پرڳڻي، بندرابن جي معنيٰ مال جي جوءِ، وڏي هڙهي، ٻيلو يا جهنگ آهي.“ اڳي مال چرندو به جهنگ، ٻيلو يا وَسَ هو.
جي ڀانئين وس چران، ته سنگهارن سين گهار
(شاهه)
هڪ پهاڪو آهي ته:
اُٺان مينهان دا ڪيها ميلا،
هُو چرن جهنگ، ته هو چرن ٻيلا.
سنڌ ۾ اڄ به مالوند سماج ۽ زرعي سماج گڏوگڏ هلندا پيا اچن، ڇو ته کير ۽ گوشت جي ضرورت انساني جياپي لاءِ ضروري آهي. يورپ ۾ به ائين ئي ٿيو، پر اتي ’مال جي سيمن‘ (Cattle Farming) کي سائنسي بنيادن تي قائم ڪيو ويو آهي. ان لاءِ رول ۽ خانه بدوش ڌڻوند لوڪن کي ٿانيڪو ڪري چراگاههَ (Farms) جوڙيا ويا آهن، جتي مال جي واڌويجهه، وڌيڪ کير ۽ گوشت حاصل ڪرڻ وارا لاڀائتا سائنسي طريقا اختيار ڪيا ويا آهن. ٻيءَ دنيا جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ اهي مالوند لوڪ اڄ به لاڏائو زندگي گذارين ٿا.
جهڙڦڙ ڏٺائون جِت، اُت اڏيائون پکڙا
ان ڪري ساڻن مندن جي آڌار تي مختلف مسئلا پيش ايندا رهن ٿا ۽ وسڪري نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڏڪر اچيو منهن ڪڍي ۽ مال کي گهٽ کاڌخوراڪ ملڻ سبب بيماريون پيدا ٿين ٿيون ۽ وڏو مالي نقصان ٿئي ٿو ۽ ماڻهن جي زندگين کي به جوکو رسي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو